رجب علي

رجب علي (راڳي): سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي گواليار گهراڻي ۾ رجب علي ولد استاد غلام رسول خان 1952ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ جنم ورتو. رجب علي پرائمريءَ کان انٽر سائنس تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جيئن ته سندس پيدائش ۽ پرورش هڪ موسيقار گهراڻي ۾ ٿي، ان ڪري راڳ کيس ورثي ۾ مليو. موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي والد استاد غلام رسول خان ۽ چاچي استاد اميد علي خان کان حاصل ڪيائين. سندس ڀائر حميد علي خان، استاد فتح علي خان ۽ مرحوم استاد وحيد علي خان به جڳ مشهور راڳي آهن. رجب علي ڳائڻ جي باقاعدي شروعات پنهنجي ٻالڪپڻي کان ڪئي، پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تان کيس ٻارڙن جي پروگرام ۾ ڳائڻ جو موقعو ڏنو. ٻاراڻي عمر ۾ هن جو پهريون گيت ’منهنجي پياري بلبل‘ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو، جيڪو گهڻو مقبول ٿيو. جنهن کانپوءِ مصطفى قريشي ۽ پير سرهنديءَ به رجب عليءَ کي وقت بوقت ريڊيو تي آندو. رجب عليءَ کي پاڪستان ٽيليويزن تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو، ان وقت هڪ يادگار واقعو پيش آيو، جو عبدالڪريم بلوچ، رجب عليءَ کي ٽي. وي تي هڪ ميچوئر سنگر جي حيثيت ۾ متعارف ڪرائڻ پئي چاهيو، پر ان وقت رجب عليءَ جي عمر اڃا ننڍي هئي، ان ڪري رجب عليءَ کي نقلي مڇون لڳائي ڳارائي ميچوئر سنگر طور متعارف ڪرايو ويو. رجب عليءَ جا ريڊيو تان لاتعداد گيت نشر ٿيا. هن ريڊيي ۽ ٽي. وي کانسواءِ پاڪستاني اردو فلمن لاءِ به ڳايو. هن فلم انڊسٽريءَ ۾ 1969ع ڌاري پهريون گيت ميڊم نورجهان سان گڏ دوگاني جي صورت ۾ ڳايو، گيت جا ٻول هئا ’مجهه سا تجهي چاهني والا‘.
رجب علي سنڌ جو اهو سريلو گلوڪار آهي، جنهن نه رڳو پاڪستان ۾، پر پاڪستان کان ٻاهرين ملڪن ۾ به مقبوليت ماڻي. ريڊيي ۽ ٽي. وي کان سواءِ فلمن لاءِ به ڪافي گيت ڳاتائين. رجب علي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ اردو، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ ترڪي ٻولين ۾ پڻ ڳايو.


لفظ رجب عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو